آء ايم ايف کان پنڻ وارا حڪمران پنهنجا شاهي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ ڏينهون ڏينهن ڪابينا ۾ واڌ ڪري رهيا آهن, جي ڊي اي

گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس(جي ڊي اي) جي اڳواڻن ڊاڪٽر صفدر عباسي، سيد زين شاھ ۽ سردار رحيم وفاقي ڪابينا ۾ وڌيڪ خصوصي معاونن جي مقرري جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته هڪ طرف ملڪ بدترين معاشي مسئلن جو شڪار آهي صورتحال انتھائي گنڀير آھي عوام وٽ کائڻ لاء به ڪجھ ناھي ۽ ٻئي طرف سياسي رشوت طور وفاقي ڪابينا ۾ وڌيڪ خاص معاونن کي مقرر ڪيو پيو وڃي جيڪو انتھائي شرمناڪ ۽ افسوسناڪ عمل آهي، ڪراچي مان جاري ڪيل پنهنجي گڏيل بيان ۾ ھنن چيو ته آء ايم ايف کان پنڻ وارا حڪمران پنهنجا شاهي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ ڏينهون ڏينهن ڪابينا ۾ واڌ ڪري رهيا آهن،هنن چيو ته حڪومت چئي رهي آهي ته نوان مقرر ڪيل ڪيل معاون پگھار نه وٺندا پر انهن کي وزيرن جون ملندڙ سموريون مراعتون ملنديون جنهن ۾ سرڪاري رهائش، سرڪاري گاڏي، پيٽرول، طبي سهولتون ۽ ٻيا الائونس شامل آهن، جنھن سان ملڪي خزاني تي وڌيڪ بار پوندو،هنن وڌيڪ چيو ته هن وقت 83 رڪني ڪابينا غريب عوام ۽ ملڪ تي وڏو بار آهي ۽ ملڪ وڌيڪ معاشي بار برداشت نٿو ڪري سگهي هنن مطالبو ڪيو آھي ته وفاقي ڪابينا ۾ ٿيندڙ واڌ کي فيبروري ۾ ئي ختم ڪيو وڃي.