Sindh United Party

آدم شماري جو فيصلو غيرقانوني ۽ غير آئيني قدم آهي، زين شاہ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه مارچ ۾ ٿيندڙ مردم شماري جي فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو غيرقانوني ۽ غير آئيني قدم آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين وقت کان اڳ ٿيندڙ مردم شماري ايم ڪيو ايم ۽ پي ڊي ايم وچ ۾ ٿيل معاھدي جو تسلسل آهي، جيڪا سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي اسان ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي سنڌ جي وحدت خلاف هن مردم شماري کي رد ڪريون ٿا اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ڪيو هن وڌيڪ چيو ته آئين موجب مردم شماري هر 10 سالن بعد ٿيڻ گهرجي 2017ع کانپوءِ آدمشماري 2027ع ۾ ٿيڻي آهي، پر وقت کان اڳ مردم شماري دراصل 2023ع جي چونڊن ۾ جعلي سيٽون ڏيکاري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي. سيد زين شاهه چيو ته هو سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ماڻهن ۽ گهرن جي ڳڻپ لاءِ قومي شناختي ڪارڊ ڏيکارڻ جي شرط کي ختم ڪرڻ جي سخت مذمت ڪري ٿو اهڙي ظلم کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو ۽ سخت مزاحمت ڪئي ويندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ افغانين ۽ ٻين پناھگيرن کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي سيد زين شاهه چيو ته ڊجيٽل مردم شماري ۾ ڪراچي ۾ غير ملڪي ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن سميت سڀني کي ڳڻيو ويندو جنهن کي اسان قبول نه ڪنداسين، سنڌ ڌرتي جي بقا لاءِ ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو هن چيو ته سنڌ حڪومت 2012ع ۾ هڪ سازش تحت سنڌ کي انتظامي طور ورهايو هو ۽ هاڻي سنڌ حڪومت ٻيهر سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي،هن چيو ته اسان ڊجيٽل آدمشماري واري فيصلي کي ملڪ دشمن ۽ سنڌ دشمن سمجهون ٿا ۽ سمجهون ٿا ته ان ذريعي ملڪ ۾ شامل يونٽن سان زيادتي ڪئي پئي وڃي ان خلاف سياسي پارٽين سان رابطو ڪري جلد لاحه عمل جوڙينداسين ۽ عوامي ردعمل جوڙينداسين.