سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي نائب صدر آغا قمر مشواني ۽ انفارميشن سيڪريٽري خواجه نويد امين سنڌ جي نامور محقق، تاريخدان ۽ ليکڪ گل حسن ڪلمتي گل حسن ڪلمتي جي هڪ مقامي اسپتال ۾ وڃي ڪري سندس عيادت ڪئي ۽ سندس همت ۽ حوصلي کي ساراهيو. سي اي بي جي ميمبرن مير گل حسن ڪلمتي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.
آغا قمر مشواني ۽ خواجه نويد ايس يو پي صدر سيد زين شاہ جي طرفان بہ گل حسن ڪلمتي جي خيريت دريافت ڪئي.
ان موقعي تي گل حسن ڪلمتي علالت جي موقعي تي ياد رکڻ تي ايس يو پي جو شڪريو به ادا ڪيو.
ان موقعي تي ايس يو پي ميمبر ثناءُالله جعفري بہ ھنن سان گڏ ھو.