Sindh United Party

سيد زين شاه جو پشاور ۾ پوليس لائنز جي مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاه جو پشاور ۾ پوليس لائنز جي مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي

سيد زين شاه چيو تہ ڌماڪي ۾ پوليس اهلڪارن جي قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيون ٿا

خيبرپختونخواهه سميت سڄي ملڪ ۾ بدامني جي نئين لهر ڳڻتي جوڳي آهي

ھن چيو تہ حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. جيڪڏهن سخت قدم نه کنيا ويا ته حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون

زين شاهه چيو ته دهشتگردي، ڪرپشن، لوڊشيڊنگ، مهانگائي ۽ بيروزگاري عوام جي جيئڻ جو حق کسي ڇڏيو آهي

زين شاهه ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي