ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ٿيل واڌ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پيٽرول جي اگهن ۾ ڪيل واڌ مهانگائي سٽيل عوام سان وڏو ظلم آهي هي مهانگائي نه پر تباهي آهي آءِ ايم ايف سان معاهدي جا آفٽر شاڪس عوام کي لڳڻ شروع ٿي ويا آهن، عوام جو پئسو لٽي ملڪ کان ٻاھر ملڪيتون ٺاهيندڙن کي اين آر او ڏنو ويو آهي، جيڪا شرمناڪ ڳالهه آهي ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته ڪرپٽ ٽولن ملڪ جي معيشت کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي ڪرپٽ حڪومت پنهنجي ڪرپشن جو بار عوام تي وجهي رهي آهي،حڪومت جي ڪرپشن ۽ نااهلي سبب ملڪ جي معيشت تباهي جي ڪناري تي پهچي وئي آهي، جيڪڏهن فوري طور قدم نه کنيا ويا ته ملڪ کي وڏو نقصان پهچندو، سيد جلال محمود شاھ وڌيڪ چيو ته حڪومتي بدنيتي ۽ بدانتظامي جي ڪري بدترين مھنگائي،تاريخي بحران،رشوت ۾ واڌارو، وياج جي شرح ۾ واڌ ۽ امن امان جي خوفناڪ صورتحال عوام جو جيئڻ محال ڪري ڇڏيو آھي، حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب اڄ ڊالر ۽ سون به تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن هر شيءِ جا اگهه هاڻي عوام جي پهچ کان پري ٿي ويا آهن، شين جي اگهن ۾ تيزيءَ سان اضافي عام ماڻهوءَ جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي، کنڊ، اٽو، دال، گيھ، پيٽرول، بجلي ۽ گيس جا اگھ ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ مھنگا ٿيا آھن،ملڪ ۾ غريب ماڻھن کي بک مرڻ ۽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي هن چيو ته عوام جو صبر هاڻي جواب ڏئي چڪو آهي ۽ موجوده ڪرپٽ حڪومت مان جان ڇڏائڻ ئي ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ آهي سيد جلال محمود شاهه مطالبو ڪيو آھي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڪيل ظالماڻي واڌ کي فوري طور تي واپس ورتو وڃي ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن ۾ به گهٽتائي ڪئي وڃي.