سکھر ۾ گرفتار ٿيل ايس يو پي اڳواڻ آزاد
سکھر ۾ پوليس کل ايس يو پي ڊويزن سکھر جي اڳواڻ ۽ سوشل ميڊيا ڪوآرڊينيٽر عيدن جاگيراڻي سميت ضلعي سکھر جي اڳواڻن سراج ڊوگر عمران سامٽيو کي گرفتار ڪري
نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو هو. سيد زين شاه جي سخت ردعمل سبب جن کي رات دير سان سکھر پوليس آزاد ڪري ڇڏيو
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه سکھر ۾ پوليس طرفان ايس يو پي ضلعي سکر جي سيڪريٽري ۽ سوشل ميڊيا ڪوآرڊينيٽر عيدن جاگيراڻي سميت پارٽي ضلعي سکھر جي اڳواڻن سراج ڊوگر عمران سامٽيو جي بلاجواز گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي ڪراچيءَ مان جاري ڪيل بيان ۾ سيد زين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت سياسي انتقام ۾ مڪمل طور انڌي ٿي چڪي آهي، ايس يو پي جا ڪارڪن پارٽيءَ جو سرمايو آھن اھڙن هٿڪنڊن سان کين جھڪائي نٿو سگھجي ھن چيو ته پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي اهڙي طرح هراسان نٿو ڪري سگھجي اھا حڪومت جي فسطائي ذهنيت آھي سيد زين شاھ جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي سياسي انارڪي جي فضا ھموار ڪري رهي آهي، سائين جي ايم سيد جي سالگراھ ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ سن تي پوليس چڙھائي خلاف احتجاج ڪرڻ تي سنڌ حڪومت ڪارڪنن کي هراسان ڪري رهي آهي، جيڪو آمراڻي سوچ واري رويي جي عڪاسي ڪري ٿو پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جو اھو ظلم ايس يو پي کي پنھنجا مقصد حاصل ڪرڻ کان نٿو روڪي سگھي ۽ اھڙن حالتن ۾ ايس يو پي وڌيڪ طاقت سان اڳيان وڌندي،سيد زين شاھ چيف جسٽس آف سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي ته ڪارڪنن جي بلاجواز گرفتاري جو فوري طور نوٽيس ورتو وڃي ۽ وزيراعلىٰ سنڌ ۽ پوليس عملدارن کان جواب طلب ڪيو وڃي،.