رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگراھ سن ۾ ڀرپور نموني ملهائي ويندي

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آھي ته 17 جنوري تي رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگراھ سن ۾ ڀرپور نموني ملهائي ويندي جي ۽ ملڪ جي ناليوارن سياستدانن کي سالگراھ تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي، 15 تاريخ تي سائين جي ايم سيد جي عظيم ڪردار کي ساراھيو ويندو ۽ سموري سنڌ ۾ مشعل بردار ريليون ڪڍيون وينديون