،گرين انيشيٽو پاڪستان جي نالي تي بدين ضلعي جي ساحلي پٽي جي علائقي احمد راڄو ۽ ٻين هنڌن جي ماڻهن کي جبري طور بي دخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، زین شاھ

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ چيو آهي ته گرين انيشيٽو پاڪستان جي نالي تي بدين ضلعي جي ساحلي پٽي جي علائقي احمد راڄو ۽ ٻين هنڌن جي ماڻهن کي جبري طور بي دخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، موجوده نام نهاد جمهوري حڪومت بدترين مارشل لا کان به وڌيڪ خطرناڪ آھي،ڊي چوڪ تي پي ٽي آء جي ڪارڪنن تي تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا،اسان شھباز شريف ۽ آصف زرداري کي چئون ٿا ته اگر اڄ توهان پي ٽي آء تي پابندي لڳائيندا ته اها سڀاڻي اوهان تي به لڳندي،اسان 6 ڪئنالن واري معاملي تي پيپلز پارٽي جي ٻٽي ۽ منافقي واري ڪردار جي مذمت ڪريون ٿا،جيڪڏهن پيپلز پارٽي سچي آهي ته صدر زرداري کان اهو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ۽ صدارتي محل مان 8 جولاء واري فيصلي جي وضاحت ڪندي ان فيصلي کي رد ڪيو وڃي ۽ پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت تي دٻاءُ وجهي نه ته ٻي صورت ۾ وفاق کان الڳ ٿي وڃي ۽ سنڌ اسيمبليءَ مان واضح طور تي انهن 6 ڪئنالن خلاف ٺهراءُ پاس ڪيو وڃي، اهڙن خيالن جو اظھار هن پارٽي جي سينٽرل ڪميٽيءَ جي اجلاس کانپوء جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو،ايس يو پي صدر سيد زين شاھ چيو ته اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي عدم استحڪام تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو اهو ملڪ جي مفاد ۾ نه آھي،گرين پاڪستان انيشيٽو پاڪستان کي سرسبز ڪرڻ لاء نه پر پاڪستان جي هڪ يونٽ کي بنجر بڻائڻ لاء آھي،سنڌ جي ماڻهن کي طاقت جي زور تي بي دخل ڪيو پيو وڃي اهي نوان نڪرندڙ 6 ڪئنال سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪندا، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 17 جنوري تي رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگراھ سن ۾ ڀرپور نموني ملهائي ويندي ۽ ملڪ جي ناليوارن سياستدانن کي سالگراھ تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي، 15 تاريخ تي سائين جي ايم سيد جي عظيم ڪردار کي ساراھيو ويندو ۽ سموري سنڌ ۾ مشعل بردار ريليون ڪڍيون وينديون،سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي 9 کان 15 ڊسمبر تائين سموري سنڌ ۾ نوان ڪئنال ٺاهڻ خلاف بيداري مارچ ڪڍندي جنهن ۾ مستقبل ۾ غيرقانوني ڪئنالن جي خلاف عوامي طاقت وسيلي سنڌ جي عوام کي تحريڪ هلائڻ لاء تيار ڪيو ويندو،6ڊسمبر تي ڪراچي ۾ اتحادي پارٽين جو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ نون ڪئنالن خلاف ايندڙ لاحه عمل جوڙيو ويندو.
#NoMoreCanalsOnIndus