سنڌ جي مختلف سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست پارٽين، وڪيلن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سنڌ حڪومت پاران ڪياماڙي ڪراچي جي ساحلي پٽي ۾ رھائشي اسڪيم لاءِ 6 هزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ڏيڻ واري منصوبي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آھي تہ سنڌ حڪومت فوري طور تي اهو فيصلو واپس وٺي، اسين سنڌ حڪومت کي چتاءُ ڏيون ٿا ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت اهو فيصلو واپس نه ورتو ته سنڌ حڪومت جو گھيراءُ ڪنداسين، سنڌ حڪومت سنڌ جي زمينن تي مقامي آبادين جو پھريون حق مقامي ماڻھن جو تسليم ڪندي ديهه الله بنون، ديهه ڇتارا، ديهه مينڌياري سميت اتي جي سمورين مقامي آبادين کي رھائشي فارم 2 ۽ زرعي زمين جو مالڪاڻو فارم 7 جاري ڪري کين قانوني تحفظ فراهم ڪري انهن جو روينيو ۾ رڪارڊ شامل ڪرائي انهن کي قانوني تحفظ فراھم ڪري، سنڌ حڪومت صدين کان آباد ڪياماڙي ڪراچي جي ڳوٺن کي تعليم، صحت، فني تعليم، روڊ،بجلي،گيس ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت زندگي جون بنيادي ضرورتون فوري طور تي فراهم ڪري فوجي شهيدن جي نالي تي ڊي ايڇ اي اسڪيم ٺاهي پلاٽن کي وڪڻڻ واري ڪاروبار بجاء فوجي شهيدن جي وارثن کي سندن اباڻي علائقن ۾ رهائشي پلاٽ، زرعي زمين ۽ ڪيش رقم ڏيڻ جي روايت قائم ڪئي وڃي، ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ميزباني ۾ ڪياماڙي ڪراچي جي قديم آبادين کي بيدخل ڪري ڊي ايڇ اي کي 6 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ جي صدارت هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس کي جماعت اسلامي جي محمد حسين محنتي، جي ڊي اي جي ڊاڪٽر صفدر عباسي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڊاڪٽر قادر مگسي، جيئي سنڌ محاذ جي رياض علي چانڊيو، جميعت علماءِ اسلام ف جي قاري عثمان، فنڪشنل ليگ جي ڪاشف نظاماڻي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي روشن علي ٻرڙو،جڳديش آھوجا، پي ٽي آءِ سنڌ جي ايڊووڪيٽ علي پلھ، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي نواز خان زئور، جسقم جي اسلم خيرپوري، عوامي تحريڪ جي نور احمد ڪاتيار، قومي عوامي تحريڪ جي فرحان لاڙڪ، سنڌ ساگر پارٽي جي حافظ سڪندر تنيو، عبدالمومن ميمڻ، ڪراچي بار ايسوسيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ، سنڌ بار ايسوسيئشن جي سرفراز ميتلو ۽ قومي محاذ آزادي جي اظھر جميل خطاب ڪيو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ خطاب ڪندي چيو ته حڪمران اسٽيبلشمينٽ کان اين او سي وٺي آيا آهن سنڌ جي 270 ڪلوميٽر ساحلي پٽي، لکين ايڪڙ زرعي زمين، وسيلن ۽ پاڻي جو سودو ٿي چڪو آهي، سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن جي اجتماعي ملڪيت کسي ادارن ۽ ڪمپنين کي ڏني وئي آهي، ڪراچي پورٽ ڊگھي مدي جي ليز تي هليو ويو آهي، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کي احتساب کان روڪيو ويو آهي، سنڌ جي زمينن جي بدلي نيب ۽ اينٽي ڪرپشن سان سوديبازي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته ماضي ۾ جيڪي ڪمرشل ۽ رهائشي اسڪيمون ٺاهيون ويون انهن جو فائدو شھيدن کي نه ٿيو، ڪياماڙي ضلعي ۾ صدين کان ماڻهو آباد آهن ڪنهن کي به اهو حق ناهي ته هو سنڌ جي ماڻهن کي طاقت جي زور تي بي دخل ڪري، ڪياماڙي جي ماڻھن کي شهري زمين جا حق ڏنا وڃن بحريا ٽائون ۾ به زرداري مافيا ۽ بحريا مافيا مقامي ماڻهن کي زبردستي لڏايو هو جنهن تي اسان احتجاج ڪيو، ڪياماڙي ضلعي جي ماڻهن وٽ بجلي به ناهي سمورين پارٽين ان معاملي تي سخت احتجاج جو يقين ڏياريو آهي وڪيلن به قانوني مدد جو يقين ڏياريو آهي، اسان ڪياماڙي جي ماڻهن کي بي دخل ڪرڻ خلاف هر فورم تي آواز اٿارينداسين، جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي خطاب ڪندي چيو ته ڪوٽڙي بئراج ۽ گڊو بئراج جون زمينون ڌارين کي ڏنيون ويون زرداري صاحب اقتدار جي بارگينگ لاء سنڌ جي سوديبازي ڪئي آهي سياستدان جي ڪوشش آھي ته سنڌ جي عوام جا حق کاڌا وڃن،زرداري صاحب سنڌ کي ھڪ سون جي چين سمجهيو آھي، جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو عوام اهو برداشت نه ڪندي ته ڪياماڙي جون زمينون ڊي ايڇ اي کي ڏنيون وڃن، پيپلز پارٽي هميشه سنڌ جي عوام جي مفادن خلاف فيصلا ڪيا آهن، اڌ ڪراچي مٿان ڊي ايڇ اي آهي، ڊي ايڇ اي کي 6 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ ھڪ مالي مفاد آهي پيپلز پارٽي سنڌ سان وڏي زيادتي ڪئي آهي، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي سرپرستي پيپلز پارٽي ڪري رهي آھي، پيپلزپارٽي جي مهرباني سان اسان جون زمينون به کسيون پيون وڃن ۽ ماڻهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي، سنڌ جون زمينون سنڌ جي ماڻهن جون آهن جيڪڏهن اهو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سنڌ اسيمبلي ٻاهران ڌرڻو هنيو ويندو، جيڪڏهن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته روڊن تي نڪرنداسين، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته زرداري سياستدان نه پر ھڪ طاقتور واپاري آهي، زرداري ذوالفقار آباد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، ملڪ کي سڀ کان وڏو خطرو مڙھيل حڪمرانن مان آھي، ھزارين سالن کان رھندڙ آبادين کي مالڪاڻا حق نه پيا ڏنا وڃن، اسيمبلين ۾ اپوزيشن به اسٽيبلشمينٽ جي مرضي سان آهي، سنڌ عالمي سازش جو شڪار آهي، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته ميگا هائوسنگ اسڪيمون سنڌ لاءِ مصيبت بڻجي ويون آھن، سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي اسان سڀ سيد زين شاھ سان گڏ آهيون، فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ ڪاشف نظاماڻي خطاب ڪندي چيو ته زمينن تي قبضن جو سلسلو سانگهڙ کان شروع ٿيو هو جيڪو هاڻي ڪراچي تائين پکڙجي ويو آهي، جميعت علماءِ اسلام ف ڪراچي جي امير قاري عثمان خطاب ڪندي چيو ته آئون شڪرگذار آھيان ته ايس يو پي ڪراچي ۾ هزارين ايڪڙ زمين تي ٿيل قبضي خلاف سڀني کي دعوت ڏني آهي، سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ واري پارٽي پيپلز پارٽي آھي، سمورين پارٽين کي متحد ڪري پنهنجا حق حاصل ڪري سگهجن ٿا، سنڌ جي ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، جميعت علماءِ اسلام هميشه پنھنجي ڌرتي جي حفاظت لاء قومپرستن جو ساٿ ڏنو آهي، ڪياماڙي ضلعي جا متاثر صدين کان ھتي آباد آهن انهن کي بي دخل ڪيو پيو وڃي، پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ علي پلھ خطاب ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ ڪياماڙي ضلعي جي 6 هزار ايڪڙ زمين واري معاملي جو نوٽيس وٺي، اسان ان معاملي تي اسيمبلين ۾ به آواز اٿارينداسين، جماعت اسلامي پنھنجي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ احتجاج ۾ به ان معاملي تي آواز بلند ڪري، قومي عوامي تحريڪ جي فرحان لاڙڪ چيو ته پيپلز پارٽي سنڌين کي ديوار سان لڳائڻ جي سازش ۾ سهولتڪار آهي، جيئي سنڌ محاذ جي علي نواز ٻٽ چيو ته سنڌ جون زمينون وڪرو ڪيون ويون آهن، سنڌ ساگر پارٽي جي حافظ سڪندر تنيو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي زمينن کي سالن کان ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي، سماجي اڳواڻ خداڏنو شاھ چيو ته ڪراچي ۾ ڪا به اهڙي زمين خالي ناهي جنهن تي قبضو نه ڪيو ويو هجي، ترقي جي نالي تي جيڪا به اسڪيم آندي وئي آھي اها سنڌ ۾ رهندڙن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي،سنڌ هاء ڪورٽ بار ايسوسيشن جي سيڪريٽري سرفراز ميتلو خطاب ڪندي چيو ته ڪياماڙي ضلعي جي ماڻهن جي بيدخلي جي حوالي سان متاثرن جي قانوني مدد ڪنداسين، ڪراچي بار ايسوسيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي بار ايسوسيشن زمينن تي قبضن جي خلاف آهي ۽ ڪراچي بار ايسوسيشن هميشه ان تي آواز اٿاريو آهي.