سنڌ يونائيٽيڊ لائيرس فورم طرفان لائيرس ڪلب ۾ ڪياماڙي ٽائون ۾ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ( ڊي ايڇ اي ) کي سنڌ حڪومت طرفان 5، 6 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ جي فيصلي خلاف هڪ پر هجوم سيمينار

ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ چيو آھي تہ ڪراچي جي علائقي ڪيماڙي جي 5 کان 6 ھزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ڏيڻ خلاف اسان ھاڻي عدالتن تي نھ ڀاڙينداسين پر سياسي طور تي گھڻ رخي تحريڪ ھلائي ان سازش کي ناڪام بنائينداسين. ھن اها ڳالهه ڪالهه يونائيٽيڊ لائيرس فورم طرفان لائيرس ڪلب ۾ ڪياماڙي ٽائون ۾ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ( ڊي ايڇ اي ) کي سنڌ حڪومت طرفان 5، 6 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ جي فيصلي خلاف هڪ پر هجوم سيمينار جي صدارتي تقرير ڪندي چئي. هن چيو تھ ڊي ايڇ اي پاران سنڌ حڪومت کان شھيد اھلڪارن جي نالي تي ڪراچي جي ضلعي ڪيماڙي ۾ ديھھ اللھ بنو، ديھ منڍياري ۽ ديھ چنارا ۾ 5 کان 6 ھزار ايڪڙ زمين ڏيڻ خلاف سياسي طور تي گھڻ رخي عوامي مزاحمت اھڙي طرح ڪئي ويندي جيئن نوابشاھھ ۾ضلعي انتظاميا مقامي ماڻھن کي بي دخل ڪري ھزارين ايڪڙ زمين آصف زرداري جي نالي ڪئي پئي وڃي، جنھن کي ناڪام بڻايو ويو آھي. ان ڪري ڪيماڙي، ڪراچي جي زمين جنھن تي صدين کان رھندڙ سنڌي ماڻھن جا اجھا اڏيل آھن، انھيءَ زمين جي مالڪي ملڪ جي آئين مطابق حاصل ڪئي ويندي، جيئن ملڪ جي آئين ۽ قانون تحت ھر ھڪ شھري کي رياست پاران بنيادي حق حاصل آھن، ان حوالي سان عدالت پاران اسٽي آرڊر پڻ ڏنو ويو آھي ۽ عدالت جي حڪم تي سروي پڻ ڪيو پيو وڃي، جنھن تي اسان عدالت سميت وڪيل برادري جا ٿورائتا آھيون. ھن چيو تھ سنڌ جي عوام جي مزاحمت باوجود سنڌ جي وزير اعليٰ جيڪڏھن اھا زمين ڊي ايڇ اي ڪنھن بھ سازش تحت الاٽ ڪئي تھ پوءِ وزير اعليٰ سنڌ خلاف سنڌ جو عوام جيڪو مزاحمت ڪندي احتجاج ڪندي ان سان منھن ڏئي نھ سگھندو، جڏھن تھ وفاقي لاڳاپيل ڌريون بھ جيڪڏھن ان حوالي سان سنڌ حڪومت وسيلي سازش تحت زمين ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪئي تھ سنڌ جو عوام آئيني ۽ قانوني طور طريقا اختيار ڪندي اھڙي مزاحمت ڪندو جنھن جو انھن ڪڏھن سوچيو بھ نھ ھوندو. ھن چيو تھ وفاق جي سازشن تحت ئي 1950ع ۾ سنڌ جي قيمتي زمين ڦٻائڻ لاءِ ڊي ايڇ اي سميت ٻين سوسائٽين جو بنياد رکيو ويو آھي، جنھن جي نتيجي ۾ڊي ايڇ اي ۽ ٻين نام نھاد سوسائٽين پاران سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمين ڦٻائي ڪمرشلائيز ڪري ناجائز اربين رپيا ڪمائي ورتا آھن. ھن چيو تھ وفاق جي سازش جي ڪري ئي ڊي ايڇ اي ۽ ملڪ رياض وجود پيو آھي. ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن ( ڪي ايم سي ) جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر فهيم الزمان چيو ته فوج 1950 ۾ ڪي ايم سي کان 600 ايڪڙ زمين گهري هئي، جنهن کي ان وقت رد ڪيو ويو هو پر بعد ۾ جڏهن هڪ برگيڊيئر چيئرمين بڻيو ته هن ڊي ايڇ اي کي زمين الاٽ ڪئي، جنهن ڪري اتي رهندڙ قيوم آباد ۽ ٻين علائقن ڏانهن منتقل ٿي ويا، هن چيو ته 5، 6 هزار ايڪڙ زمين 2 ڪروڙ 90 لک 40 هزار وال ٿيندي ، ڊي ايڇ اي سٽي جھي ايريا۾ 1968 ۾ جي نقشي ۾ آباد ڳوٺ موجود آهن، ڪوئيٽا ۾ به ڊي ايڇ اي لاءِ زمين گهري وئي هئي جيڪا بلوچستان ڪورٽ رد ڪئي ته سپريم ڪورٽ ان فيصلي کي ڪلعدم قرار ڏنو، ڊي اي ايڇ جي الاٽمينٽ ۾ قاعدن قانونن کي پٺي ڏني وڃي ٿي، زم ذمه جي پوش علائقي ۾ پنڌ ويندڙن لاءِ فٽ پاٿ نه بچي آهي، ماڙي پور ۾ اول ئي فوت ٿيندڙن جي غسل لاءِ پاڻي موجود نه آهي، اتي پاڻي جي لاءِ ٽينڪر نه پر سوزڪيون اينديون آهن. هن چيو ته پنڊي ۾ ويهي زمينن جي الٽمينٽ جا فيصلا ڪيا وڃن ٿا، عشرت العباد دبئي ۾ پنهنجي ڌي جي شادي تي جيترو خرچ ڪيو ، ان کان ڪنهن به پڪونه وڇيو ته هن ايترو پئسو ڪٿان آندو آهي. ڊي ايڇ اي ڪراچي ۽ ڄامشورو جي سرڪاري عملدارن سان ملي سپر هائي وي جي ٻنهي پاسن تي الاٽمينٽ ڪري رهي آهي.هن چيو ته انهن وٽ توپ آهي پر عوامي مزاحمت وسيلي سنڌ جون زمينون بچائي سگهجن ٿيون. ، اهو سنڌ ۾ رهندڙ سڀني جو گڏيل مسئلو آهي. پاڪستان ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سپريم ڪورٽ بار جي ميمبر اختر حسين وڪيل چيو ته ڪياماڙي جي ديهن تي قبضو ڪندڙن جو سڄي ملڪ تي قبضو ٿيل آهي، ڪراچي ۾ ڪورٽ ٻين غير قانوني اڏاوتن کي ته ڊاهيو پر شاهراه فيصل ، راشد منهاس روڊ تي فوجين جي غير قانوني زمينن تي اڏيل عمارتن کي هٿ به نه لاٿو، هي فوجي، جاگيرداري ۽ ڪاموراشاهي ڳٺ جوڙ ٿيل آهي. ريٽائرڊ جسٽس اڪرام انصاري چيو ته آئين ۽ قانون موجب ڪياماڙي جي ڳوٺن تي سالن کان آباد ٿيلن جو حق آهي، جتان کين بي خل ڪرڻ زيادتي آهي، سمورا دارا ان متعلق پنهنجو ڪردار ادا ڪن، روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر عبدلجبار خٽڪ چيو ته ڪياماڙي جي زمينن تي قبضو ڪندڙن وٽ هٿيار آهن پر انهن جو مقابلو عوامي ٻڌي ۽ مزاحمت وسيلي ڪري سگهجي ٿو ،جنرل ايوب خان جي دور ۾ به لياري جي ماڻهن کي بي دخل ڪري اتي چائنا ٽائون ٺاهڻ جي سازش ڪئي وئي هئي پر شديد عوامي مزاحمت ڪري فوجين کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پيو هو ۽ هاڻي به ڊي ايڇ اي کي ڪياماڙي ۾ زمينن ڏيڻ واري فيصلي خلاف وڏي عوامي تحريڪ جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ ڪراچي کان سواءِ سنڌ جي باقي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ به احتجاج ٿيڻ گهرجي، روازني هلچل جي چيف ايڊيٽر ۽ سماجي اڳواڻ يونس مهر چيو ته سنڌ پاڪستان کي ٺاهيو هو، ڊي ايڇ اي طرفان ڪياماڙي ٽائون زمين ڦٻائڻ خلاف ان جدوجهد کي سموري سنڌ کي ڪراچي سان جوڙڻو پوندو، ڊي ايڇ خلاف اسان کي آئيني قانوني رستا اختيار ڪرڻا پوندا، شهيد فوجين جي وارثن کي سندس اباڻي علائقن ۾ زمينون ڏنيون وڃن. ان موقعي تي مظهر عباس ،مشتاق ميراڻي، پروفيسر انعام ڀٽي، ڊاڪٽر علي احمد رند، انيسه هارون، جڳديش آهوجا، عاقب راڄپر، لالا اصغر پٺاڻ، زبير ابڙو، عامر وڙائچ ۽ ٻين خطاب ڪندي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڊي ايڇ اي اي ڪياماڙي ٽائون ۾ 5، 6 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ وارو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي، فوج ڪارباري ڪم ڇڏي سرحدن جي حفاظت وارو ڪم سنڀالي.